پِڃاراپور پڃراپور

پِڃاراپور/ پڃراپور: حيدرآباد شهر جو هڪ علائقو، جيڪو تمام پراڻو آهي. هتي ڪپهه پڃي ويندي هئي. هن جي آس پاس وڏيون وسنديون آهن، جن ۾ فقير جو پڙ، ڦليلي اچي وڃن ٿيون. هن جي ڀر ۾ ئي حسن علي آفنديءَ جو باغ هوندو هو، جيڪو هن وقت ”آفندي ٽائون“ جي نالي سان مشهور آهي. اهو علائقو ٺوڙهي چاڙهي کان لهي ڦليليءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي واقع آهي، جيڪو اڄ به ”پڃراپور“ جي نالي سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو